حق بخشائڻ

حق بخشائڻ: هڪ بد رسم، جنهن موجب ڇوڪريءَ کي سڄي عمر ڪنواري رهڻ لاءِ قرآن شريف جي محابي والدين کي شاديءَ جو حق بخش ڪرڻ لاءِ هڪ تقريب ڪئي ويندي آهي، جنهن کي ڪي ماڻهو قرآن سان شاديءَ جو نالو به ڏين ٿا. معنيٰ ته ڇوڪري قرآن جي نالي ٿي وڃڻ کانپوءِ هميشه لاءِ شادي نه ڪندي ۽ ڪنواري رهندي انهيءَ طرح کيس ستي ڪري ويهارڻ کي حق بخشائڻ چئبو آهي. هن قسم جي رسم خاص طور وڏن جاگيردار گهراڻن ميرن، پيرن ۽ سيدن ۾ موجود آهي، جنهن جي پويان ملڪيت جي حوس وارو عنصر ڪارفرما هوندو آهي. اسلام ۾ هن قسم جا عمل بدعتون ۽ عظيم گناهه آهن. پاڪستان ۾ ان عمل جي خلاف تازو هڪ قانون پاس ڪيو ويو آهي انهيءَ قانونسازي موجب حق بخشائڻ، قرآن سان شادي ۽ عورتن تي تشدد تي سخت سزا ۽ ڏنڊ مقرر ڪيو ويو آهي.


لفظ حق بخشائڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو